ذھني صحت – Mental Health

ھڪ نظر ھيڏانھن به

سنڌ ۽ سڄي ملڪ ۾ ذھني مريضن جو تعداد وڌي رھيو آھن. اڄ ھن اھم مسئلي تي به بيحد توجه جي ضرورت آھي. ذھني بيماريون تيزيءَ سان معاشري کي تباھ ڪري رھيون آھن ۽ واھر ڪرڻ وارا وري صرف پنھنجن مشغلن ۾ مصروف آھن.

مان ھڪ ڳوٺ ۾ ننڍڙي پاڙي جو اڀياس ڪيو آھي جنھن ۾ 15 گھر آھن ۽ وري 12 مريض جن ۾َ اڪثريت علاج ڪرائي ڪون سگھي آھي. نت وري انھن وٽ رقم آھي نئي ڪو اسپتال ۽ ڊاڪٽر آھن ويجھا جيڪي انھن جو علاج ڪن. دوائون وري ايڏيون مھانگيون آھن جو اھي وڃن تي ڪاڏي وڃن.

ھاڻي ڪجي ته ڇا ڪجي. اچو ته ويچار ڪري مفلوج ٿيندڙ معاشري کي ھڪ ڪارآمد معاشري ۾ تبديل ڪريون.

انھيءَ مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ھيٺين قدمن کڻڻ جي ضرورت آھي:

1. ذھني صحت کي ٻھتر ڪرڻ جا ضلعي ليول تي مرڪز قئم ڪيا وڃن. ايماندار ماھر نفسيات جا ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن ۽ مريضن جو مفت علاج ڪيو وڃي.

2. ھر تعلقي جي اندر نفسيات جا 4 ايماندار ماھر ڊاڪٽر مقرر ڪيا وڃن

3. انھن ذھني مريضن لاءِ ماھوار 15000 ھزار وظيفو مقرر ڪيو ڃي جيئن انھن جي ضروري سار سنڀال ۾ مدد ملي سگھي.

4. بھتر ٿيندڙ مريضن جي لاءِ ھنري سکيا جو بندوبست ڪيو وڃي ۽ انھن جو وظيفو زندگي ڀر جاري رکيو وڃي جيئن اھي وري تبديل ٿيندڙ روز مرھ جي زندگيءَ کي منھن ڏئي سگھن.

5. مڪمل صحتياب مريضن لاءَ مناسب روزگار جو بندوبست پڻ ڪيو وڃي.

6. ماھر پروفيسرن کان ھڪ سروي ڪرائي ۽ سنڌ ۽ ملڪ اندر ان بيماريءَ جي وڏڻ جا سبب ڳولھي ۽ فوري تدارڪ ڪيو وڃي.

7. اسڪولن ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ ڊھني صحت جي باري ۾ سبجيڪٽ شامل ڪري لازمي پڙھايو وڃي.

8. گورنمينٽ جي طرفان مختلف ضلعن اندر ناڻي جي ورڇ،  نوڪريون، ترقياتي منصوبن، تعليم، روزگار جي موقعن (جيئن ڪارخانن جو ھجڻ وغيرھ) ۽ ٻين سھولتن جو جائزو  پڻ ورتو وڃي  ته جيئن پا ليسي ۽ قانوني ليول تي به ھن مسئلي کي حل ڪيو وڃي.

اميد  آھي ته مٿيان قدم  ۽ اھڙا ٻيا ضروري قدم سنڌ ۽ ملڪ اندر ذھني صحت کي بھتر ڪرڻ ۽ سڌارڻ لاءِ ڪارآمد ثابت ٿيندا.

Advertisements