۽ سنڌ CPEC سي پيڪ

سي پيڪ کي گيم چينجر منصوبو چيو وڃي ٿو پر  ڇا سنڌ لاءِ واقعي اھو ھڪ ڀاڳ وارو منصوبو ثابت ٿيندو؟

سي پيڪ تي نظر رکڻ وارن سڄاڻ طبقن ۽ دانشورن

جي راءِ ڪجھ پريشان ڪندڙ آھي.

اھي سب ڌريون ھن منصوبي کي وڏي صوبي جو منصوبو ڪوٺي رھيون آھن جنھن مان سنڌَکي  سمنڊ  ۾ صرف سئيءَِ برابر فائيدو ٿيندو.

انھن مطابق  سي پيڪ جا سڀ پراجيڪٽ پنجاب ۾ اڏيا پيا وڃن ۽ ھن سان صرف ۽ صرف اھو وڏو ڀاءَ خوشحال ٿيندو.

وزيراعلا سنڌ جي ڪوشش تي ڪيٽي بندر ۾ ۽ ڪراچيءَ ۾ ھڪ ھڪ پراجيڪٽ ڏنو ويو آھي  ته جيئن سادن سنڌين کي خوش ڪري ۽ ھميشه لاءِ خاموش ڪرائي ڇڌجي.

چيو وڃي ٿو ته پنجاب ھن وقت تائين چيني ٻولي ۾ ڏھ ھزار 10ٖ000 ماڻھون تيار ڪري چڪو آھي جيڪي ھن منصوبي ۾ چينين سان گڏجي ڪم ڪندا ۽ وري سنڌي ويچارا بنجي، ھن ترقئءَ جو مشاھدو ڪندا رھندا.  انھن کي ئي پروجيڪٽس ۾ نوڪريون ڏنيون وينديون. ۽ جڏھن وري سنڌي سٻاجھڙا چيني ٻولي سکندا ته انھن لاء ھڪ به نوڪري ڪونه ھوندي.

جڏھن اھو سڀ ڪجھ َٿي رھيو  ھو ته حڪمرانن سان گڏ سٻاجھڙا به سمھي رھيا ھئا.

ھاڻي سوال اھو آھي ته سنڌ ترقي نٿي ڪرڻ چاھي يا ان جي اڳواڻي ڪندڙ ليڊر ۽ فڪري طبقو نااھل ٖ ستل يا غير ضروري ڪمن ۾ مشغول آھي.

ھاڻي اھو ڪريل پاسو ڪيئن بدلائجي؟

ھيٺين ڪجھ نقطن تي فوري توجھ جي ضرورت آھي.

1. سنڌ ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي گھڻ ڌري غير سياسي ماھر ڪميٽي جوڙي ٽي ماھي سي پيڪ ۽ سنڌ ۾  ٻين ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺي ۽ سنڌ حڪومت ۽ سنڌ جي ماڻھن کي رھنمائي مھيا ڪئي.وڃي.

2. ھن ڪميٽي کي قانوني شڪل ڏئي ھميشه لاءَ سنڌ ۾َ ھڪ رھنماء ڪميٽيء جو درجو ڏنو وڃي.

3. سڀني تعلقن ۾ ايمرجنسي جي بنياد تي چيني ٻوليء جا سکيا مرڪز قائم ڪيا وڃن.

4. سڀني يونورسٽين ۾ چائنيز لينگوئج ڊپارٽمينٽس کوليا وڃن ۽ چين جي حڪومت سان فوري معائدو ڪري چيني ٻولي جي ترقيء لاء عملو ۽ مالي سھڪار حاصل ڪيو وڃي.

5. وفاقي حڪومت سان ماھر ڪميٽيء جي سفارشن جي روشنيء ۾ سنڌ جو  برابر جو حصو حاصل ڪيو وڃي ۽ آئيني ليول تي ان جو پيڇو ڪيو وڃي.

6. سنڌجي حق ۽ ۡحصي حاصل ڪرڻ لاء وفاقي آئين ۾ ترميم ڪرائي وڃي.

7. سي پيڪ CPEC تي ھڪ الڳ گروپ ٺاھي صرف سي پيڪ تي نظر رکجي ته جيئن سنڌ لاء مناسب حصي ڪرڻ ۾ مدد ملي .

8. سنڌ جي ٻھراڙي ۽ شھري علائقن ۾ برابري جي بنياد تي ذخيرن جي ورڇ ڪئي وڃي ته جيئن سنڌ گڏجي اڀري، ترقي ڪري ۽ احساس محرومي ختم ٿئي.

9. سنڌ ۾ اھڙي نظام کي ھٿي ڏجي جنھن ۾ سڀني جي حقن جي پاسداري ٿئي ۽ نا انصافي، اقرابا پروري ۽ ناانصافي واري روش کي ھميشه لاء ٻنجوڏجي

Advertisements